شامِ غريبان2

شامِ غريبان2

شامِ غريبان2

شامِ غريبان2 (ڪتاب): هن ڪتاب جو مصنف مرزا آصف علي بيگ آهي، جيڪو علامه مولانا سيد ڪلب حسين جي هڪ معرڪهء آرا تقرير تي مشتمل آهي. مولانا اها تقرير لکنؤ جي تاريخي امام بارگاه حضرت عفران ماب ۾ ڪئي هئي ۽ آل انڊيا ريڊيو تان نشر پڻ ٿي هئي. انهي تقرير کي محفوظ ڪرڻ لاءِ مرزا آصف علي بيگ انهيءَ جو اردوءَ مان سنڌي ترجمو ڪري، ڪتاب جي صورت ڏني. هي ڪرائون سائيز ۾ 61 صفحن تي مشتمل ڪتاب، حيدري پريس، لجپت روڊ، حيدرآباد مان 1971ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 25 پئسا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو